رائو شيرالزمان

رائو شيرالزمان: رائو شيرالزمان، صوبي اتر پرديش جي شهر ميرٺ ۾، 9 مئي 1932ع تي نواب محمد شريف خان زميندار جي گھر پيدا ٿيو. ضلعي ميرٺ کي برصغير جي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. رائو شيرالزمان جو والد مسلم ليگ سان وابسته هو. تنهنڪري هن شاگرديءَ جي زماني کان مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽفارم تان پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سندس خاندان پاڪستان پهتو ۽ ضلعي نوابشاهه ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، جتي هن راجپوت خاندان مان شادي ڪئي. رائو شيرالزمان سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪندي، پهريون ڀيرو ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه جو وائس چيئرمئن چونڊيو ويو ۽ ان دوران ڪيترا عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيائين، جن ۾ خوبصورت پارڪ، عبدالحق لائبرري، پارڪ، فيملي ڪوارٽر، مرڪزي لائبرري، گهنٽا گھر، ميونسپل هاءِ اسڪول، ايئرپورٽ جي تعمير قابلِ ذڪر آهن. رائو شيرالزمان 1980ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ نوابشاهه جو چيئرمئن مقرر ٿيو. پوءِ ساڳئي عهدي تي ٽي دفعا بلديه نوابشاهه جو سربراهه چونڊيو، جنهن ۾ عوامي ڀلائيءَ جا ڪيترائي ڪم ڪيائين، جن ۾ مرڪزي روڊ جي تعمير، واٽر سپلاءِ ڊرينج فيز-2 لاءِ فنڊن جو حصول ۽ نئين سبزي منڊيءَ جو قيام شامل آهن.
رائو شيرالزمان ’سنڌ مشاورتي ڪائونسل‘ جو ميمبر به رهيو ۽ 1970ع جي اليڪشن ۾ به حصو ورتائين، پر چونڊجي نه سگھيو. رائو شيرالزمان جي طويل سياسي دؤر ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي خان زرداري، سيد نذر حسين شاهه، رسول شاهه'>سيد غلام رسول شاهه، غلام نبي ڏهراج، غلام قادر ڏاهري ۽ خان چانڊيو'>پنهل خان چانڊيو سندس دوست رهيا.
هن 26 جون 1998ع تي وفات ڪئي. رائو شيرالزمان پنهنجي پويان 5 پٽ سوڳوار ڇڏيا، جن مان شمشيرالزمان پنهنجي والد جي سياسي وارثت کي سنڀاليندو اچي ٿو، جنهن جي هينئر سياسي وابستگي مسلم ليگ (ن) سان آهي ۽ پاڻ ضلع خدمت ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.


لفظ رائو شيرالزمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.05.09  عيسوي

رائو شيرالزمان، صوبي اتر پرديش جي شهر ميرٺ ۾، 9 مئي 1932ع تي نواب محمد شريف خان زميندار جي گھر پيدا ٿيو.


1998.06.26  عيسوي

هن 26 جون 1998ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صوفي لعل بخش ڪانڌڙو
آسودارام سَنت
ڌناڻي محمد رفيق
ايل وي پرانجپي
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي
پرسو ڀڳت
سليمان راڄڙ خليفو
روشن الدين روشن
ڄاموٽ سيد حسن علي
بجار خان ڊومبڪي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون